حنيف جلال

حنيف جلال

حنيف جلال

حنيف جلال:نامور اسٽيج فنڪار حنيف جلال جو اصل نالو محمد حنيف آهي. هن 1951ع ڌاري ميرپورخاص ۾ جنم ورتو. پاڻ اڃا صغير ئي هو ته سندس والدين لڏي حيدرآباد ۾ رهائش پذير ٿيا. هن مئٽرڪ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد مان ڪرڻ کانپوءِ ماسٽرس تائين تعليم حاصل ڪئي. تعليم جي حاصلات بعد ماتليءَ جي هڪ اسڪول ۾ استاد جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنائين. ان ئي اسڪول مان 2010ع ۾ ارڙهين گريڊ ۾ رٽائر ٿيو. هن کي ننڍپڻ کان ئي اداڪاريءَ جو شوق هو. هن کان اڳ سندس والد به ميرپورخاص ۾ اداڪاريءَ سان وابسته رهيو هو ۽ هندستان جي مشهور فلم ‘همايون’ ۾ پڻ ڪردار ادا ڪيو هئائين. هن اداڪاريءَ جو آغاز نور محمد هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ دوران اتي ٿيندڙ اسٽيج ڊرامن ۾ حصو وٺڻ سان ڪيو. ان کانپوءِ ڪيترن ئي پروگرامن ۾ حصو ورتائين. ڊرامن ۾ ڪامياب ڪردار ادا ڪرڻ تي کيس گهڻو پسند ڪيو ويو. جنهن سبب سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ اسٽيج ڊرامن ۾ کيس ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو ملڻ لڳو. هن معاشري جي حقيقي ترجماني ڪندڙ مسئلن تي لکيل ڊرامن ۾ اداڪاري ڪرڻ سبب کيس ’جمال‘ جو لقب مليو، پر هن جمال بدران’جلال‘ نالو پنهنجي نالي سان ڳنڍيو. حيدرآباد ۾ اسٽيج ٿيٽر ختم ٿيڻ کانپوءِ هن دوستن جي مدد سان ڪلب قائم ڪري اسٽيج ڊرامن کي نئين زندگي ڏني. هن ‘منهنجي ڌرتي منهنجو پيار’، ‘روشني جو سفر’، ‘دلاهاڙي’، ‘فرض المحبت’، ‘گهاتو گهر آيو’، ‘ضرورت رشتا’، ‘تنهنجيون ڳالهيون’، ‘دهلائي’، ‘خدا جي بستي’، ‘ايڪ بيوي ڪا سوال هي بابا’ سميت ٻين ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. هر ڊرامي جو اسٽيج شو سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪرائي اتي جي ماڻهن کي تفريح مهيا ڪرڻ سان گڏ معاشري جي حالتن جي عڪاسي ڪندو هو.
هن ڪيترن ئي ٽي وي ڊرامن ۽ فلمن ۾ به ڪم ڪيو. هن اداڪاري ڪرڻ سان گڏ هدايتڪار جون به ذميواريون سرانجام ڏنيون. هن پنهنجي پٽ دانش جي نالي سان ”دانش آرٽ ڪائونسل“ قائم ڪئي. جنهن جي سربراهه جي حيثيت سان پاڻ ڪيترائي اسٽيج ڊراما ڪرائي چڪو آهي. هن وقت ڪراچي ۾ رهائش پذير آهي ۽ اتي اسٽيج توڙي فلمي دنيا ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.


لفظ حنيف جلالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو